ڪيف رضواني

ڪيف رضواني : شاعر، نثر نويس ۽ ڊرامه نويس جي حيثيت ۾ ناماچاري ماڻيندڙ ڪيف رضوانيءَ جو اصل نالو فخرالحسن هو، هن 1940ع ڌاري هندستان جي شهر حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو. سندس والدين اصل ڀوپال شهر جا رهاڪو هئا. رضواني ورهاڱي بعد ڪراچيءَ آيو ۽ پوءِ 1972ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو. ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان وابسته هو، پر کيس لاڙڪاڻي ۾ بهتر ادبي ماحول ميسر ٿيو. سندس شاعري پر ڪيف لمحن ۽ بيچين اڌمن سان ڀرپور آهي. تمام سٺو ڳائيندو به آهي. هن ڪيترين اردو فلمن لاءِ گيت لکيا، جن ۾ ’تهذيب‘، ’پرائي بيٽي‘، ’نادان‘، ’جهان برف گرتي هو‘، ’بواءِ فرينڊ‘ ۽ ٻيون ڪيتريون فلمون اچي وڃن ٿيون. پي. ٽي. وي جو مشهور پروگرام ’ففٽي ففٽي‘ سندس ذهن جو ڪارنامو آهي. سندس هڪ ٻٽو ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف شاعري ’سحر گزيده‘ جي عنوان سان ڏنل آهي ۽ ٻئي طرف ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ’ڪانا ڦوسي‘ ٽائٽل سميت ڏنل آهي. پي. ٽي. وي جو مشهور اردو دستاويزي ڊرامو ’جناح سي قائداعظم‘ سندس تحرير ڪيل آهي، جنهن وڏي شهرت حاصل ڪئي. ڪيف رضواني هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ ڪيف رضوانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو